سردار عبدالرب نشتر

سردار عبدالرب نشتر

عبدالرب نشتر سردار

عبدالرب نشتر، سردار: تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ خلافت تحريڪ جو اڳواڻ سردار عبدالرب نشتر، 13 جون 1899ع ۾ پشاور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق ڪاڪڙ قبيلي سان هو. هن ايڊورڊ ڪاليج پشاور، پنجاب يونيورسٽي، لاهور ۽ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان تعليم حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري دور (1927ع) ۾ خلافت تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. سائمن ڪميشن جو بائيڪاٽ ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. ابتدائي طور هي هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل سياسي جماعت انڊين نيسنل ڪانگريس سان منسلڪ رهيو. پر بعد ۾ اها جماعت ڇڏي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1936ع ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سرحد صوبي اندر مسلم ليگ جي سردار اورنگزيب جي وزارت ۾ ناڻي جو وزير مقرر ٿيو. 1946ع ڌاري هندستان جي آئيني اسيمبليءَ ۾ مواصلات جو وزير چونڊيو ويو. ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي خوشحاليءَ لاءِ به اڻٿڪ محنت ڪندو رهيو. کيس پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل رهيو. 1947ع کان 1953ع تائين سردار عبدالرب نشتر صنعت ۽ مواصلات جو وفاقي وزير ۽ پنجاب جو گورنر ٿي رهيو. حڪومتي عهدن تان لهڻ بعد هن ‘پاڪستان مسلم ليگ’ جو بنياد وڌو ۽ ان جي باني صدر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. کيس مخلص سياستدانن جي صاف سٿري سياست تي يقين هو. پاڻ بهترين شاعر پڻ هو. کيس شاعريءَ تي دسترس حاصل هئس. سندس شاعريءَ ۾ انساني قدرن ۽ معاشري جي بهتريءَ لاءِ سماجي رخن جي جابجا عڪاسي ملي ٿي.عبدالرب نشتر، 13 فيبروري 1958ع تي وفات ڪئي. سندس مزار، قائداعظم جي مقبري جي احاطي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.06.13  عيسوي

سردار عبدالرب نشتر، 13 جون 1899ع ۾ پشاور ۾ پيدا ٿيو.


1958.02.13  عيسوي

عبدالرب نشتر، 13 فيبروري 1958ع تي وفات ڪئي. سندس مزار، قائداعظم جي مقبري جي احاطي ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حفيظ قريشي2
سڳالچند مڪواڻو
حيدر شاهه حقاني رضوي سيد
انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر
ميان غلام محمد خان ڀرڳڙي
ڌڱاڻو جتوئي
شيخ موسيٰ آهيداڻي
عطا محمد خان ٽالپر مير
شير شاهه سوري
راڻي لاڏي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون